استاد ڪريم بخش خان

استاد ڪريم بخش خان: استاد شادي خان جو فرزند ۽ استاد احمد خان جو ننڍو ڀاءُ ڪريم بخش خان شڪارپور شهر ۾ پيدا ٿيو هو ۽ پنهنجن بزرگن جي نقش قدم تي هلي پنهنجي اباڻي فن موسيقيءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائين. موسيقيءَ جي سکيا پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪيائين ۽ انهيءَ رنگ ۾ ڳائيندو هو. خيال جي گائڪيءَ تي به کيس عبور حاصل هو. نهايت سٺو ۽ مقبول موسيقار هو. سندس وفات شڪارپور ۾ ٿي ۽ اتي دفن ٿيو.


لفظ استاد ڪريم بخش خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو